شمله معاهدي تي ذوالفقار علي ڀٽو ۽ اندراگانڌي صحيحون ڪندي

شمله معاهدي تي ذوالفقار علي ڀٽو ۽ اندراگانڌي صحيحون ڪندي

شمله معاهدو

شمله معاهدو: شمله معاهدو 1971ع واري پاڪ- ڀارت جنگ کانپوءِ جڏهن تڏهوڪي صدر يحيٰ خان، بنگلاديش ٺهڻ بعد استعيفا ڏني، تنهن بعد پرڏيهي وزير ذوالفقار علي ڀُٽي ملڪ جي نئين صدر ۽ چيف مارشل لا ائڊمنسٽريٽر طور حلف کنيو ۽ ملڪ جون واڳون سنڀاليون. انهيءَ جنگ ۾ پاڪستان جا 93 هزار جنگي قيدي ڀارت جي قيد ۾ هئا ۽ پاڪستان جو ڪجهه علائقو پڻ ڀارتي فوج جي ڪنٽرول ۾ هو. هيءُ اهو عرصو هو، جڏهن پاڪستان ڀارت آڏو مجبور هو ۽ ڀارت کي مذاڪرات ۾ فوقيت حاصل هئي. ڀٽي صاحب ۽ هندستان جي وزيراعظم اندرا گانڌيءَ وچ ۾ 28 جون کان 2 جولاءِ 1972ع دوران ڳالهين جا ڪافي مرحلا طئي ٿيا، ان وچ ۾ ائين به لڳو ٿي ته مذاڪرات ناڪام ٿي رهيا آهن ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ جنگ ٻيهر ڇڙي سگهي ٿي، پر بعد ۾ ٻنهي ملڪن جي سربراهن سمجهوتي جي راهه ڪڍي، 2 جولاءِ 1972ع تي هڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون، جيڪو ‘شمله معاهدي’ طور مشهور ٿيو. صدر ذوالفقار علي ڀٽو، ڀارتي وزير اعظم اندرا گانڌيءَ جي دعوت تي معاملن جي حل لاءِ هماچل پرديش جي گاديءَ واري شهر ’شمله‘ پهتو. ڀُٽي سان گڏ ان دوري ۾ مرڪزي ڪابينا جا ڪجهه وزير، اعليٰ عملدار ملڪ جا نامور صحافي ۽ محترمه (شهيد) بينظير ڀٽو به گڏ هئي، جا ان وقت اوڻيهن سالن جي هئي. هن معاهدي تحت ٻنهي ملڪن ٽڪراءَ ۽ مخالفت واري روش کي رد ڪري برصغير ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ دوستي ۽ رواداريءَ وارو جذبو اختيار ڪيو. هن معاهدي جي متن ۾ هيٺيان بنيادي نقطا شامل هئا: 1. ٻنهي ملڪن طرفان هڪ ٻئي جي قومي اتحاد، علائقائي سالميت ۽ خودمختياريءَ جو احترام ڪيو ويندو. 2. اقوام متحده جي چارٽر جي پسمنظر ۾ ٻئي ملڪ پنهنجا اختلاف پرامن ڳالهين ذريعي حل ڪندا. 3. هڪ ٻئي خلاف پروپيگنڊا ڪرڻ يا عالمي سطح تي ڪنهن به سازش جو حصو ٿيڻ کان پاسو ڪيو ويندو. 4. ٻنهي ملڪن وچ ۾ ثقافتي ۽ تجارتي لاڳاپا ٻيهر بحال ڪيا ويندا. 5. وقت بوقت ٻنهي ملڪن جا وفد هڪٻئي سان ملي ملڪي معاملا نبيريندا. ڄمون ڪشمير توڙي لائين آف ڪنٽرول تي فوجي ڇڪتاڻ ختم ڪري جنگبندي ڪئي ويندي. 6. هڪٻئي خلاف طاقت جي استعمال ۽ ڌمڪين واري روش کان پاسو ڪيو ويندو ۽ ٻئي ملڪ پنهنجون فوجون پڻ محاذ تان واپس گهرائيندا. 14 جولاءِ 1972ع تي پاڪستان جي قومي اسيمبلي ۽ 28 جولاءِ 1972ع تي ڀارت جي لوڪ سڀا شمله معاهدي جي توثيق پڻ ڪئي. اهڙي طرح پاڪستان جا جنگي قيدي به آزاد ٿيا ۽ هندستان جي قبضي هيٺ آيل پاڪستاني علائقا به آزاد ٿيا.


لفظ شمله معاهدوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1972.07.02  عيسوي

شمله معاهدو ٻنهي ملڪن جي سربراهن سمجهوتي جي راهه ڪڍي، 2 جولاءِ 1972ع تي هڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون، جيڪو ‘شمله معاهدي’ طور مشهور ٿيو. صدر ذوالفقار علي ڀٽو، ڀارتي وزير اعظم اندرا گانڌيءَ جي دعوت تي معاملن جي حل لاءِ هماچل پرديش جي گاديءَ واري شهر ’شمله‘ پهتو. ڀُٽي سان گڏ ان دوري ۾ مرڪزي ڪابينا جا ڪجهه وزير، اعليٰ عملدار ملڪ جا نامور صحافي ۽ محترمه (شهيد) بينظير ڀٽو به گڏ هئي، جا ان وقت اوڻيهن سالن جي هئي.


1972.07.14  عيسوي

شمله معاهدو : 14 جولاءِ 1972ع تي پاڪستان جي قومي اسيمبلي ۽ 28 جولاءِ 1972ع تي ڀارت جي لوڪ سڀا شمله معاهدي جي توثيق پڻ ڪئي. اهڙي طرح پاڪستان جا جنگي قيدي به آزاد ٿيا ۽ هندستان جي قبضي هيٺ آيل پاڪستاني علائقا به آزاد ٿيا.



تاريخي ۽ سياسي واقعا - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شمله معاهدو
تحريڪ مهدوي
تحريڪ ريشمي رومال
تحريڪ ميانوال
جيئي سنڌ هلچل
تحريڪ پاڪستان ۽ سنڌ
تحريڪ ترڪ موالات
چوٿين مارچ جو واقعو
تحريڪ خلافت
تاريخي ۽ سياسي واقعا ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون